شرح مجموعه النثر و نظم

شرح مجموعه النثر و نظم

شرح مجموعه النثر و نظم

شرح مجموعه النثر و نظم (ڪتاب): هيءُ ڪتاب ديني موضوع تي مشتمل آهي. جنهن جو ليکڪ/ شارح ابوبڪر شبلي آهي. هيءُ ڪتاب ٻن حصن ۾ ورهايل آهي، پهرين حصي ۾ نثر ۽ ٻئي حصي ۾ نظم شامل آهي. پهرين حصي جي مهڙ ۾ قرآن شريف جي ڏکين لفظن جي سنڌيءَ ۾ معنيٰ ڏنل آهي. جنهن بعد قرآن شريف جو 3 صفحي کان 12 صفحي تائين سنڌيءَ ۾ ترجمو ڏنل آهي.
ڪتاب جي نثر واري ڀاڱي ۾ قرآن مجيد جي چند آيتن جو سنڌي ترجمو، ۽ 13 صفحي کان 21 صفحي تائين قرآن مجيد جي ڏکين لفظن جي سنڌيءَ ۾ معنيٰ، رسول الله جي نوڙت، حضرت ابوبڪر رضه جي خطبي جو ڪجهه حصو، حضرت عمر رضه جو خطبو، حضرت علي عه جو ڪلام ۽ سندن ڪجهه حڪمتون ۽ مثال شامل آهن. ٻئي ڀاڱي ۾ ڏکين لفظن جي معنيٰ، عورتن جي تعليم ۽ تربيت تي ڏکين لفظن جي معنيٰ وغيره شامل آهي.
174 صفحن تي مشتمل ڪرائون سائيز جي هن ڪتاب کي آر. ايڇ. احمد برادرس ڪتب فروش، حيدرآباد، 57-1956ع ۾ ڇپرائي پڌرو ڪيو، جنهن جي قيمت 2 روپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو